ٻڌڪا ٽڪر

ٻُڌڪا ٽڪر: ضلعي ٺٽي جي شھر جھرڪن جي سامھون، درياهه جي ٻيءَ ڀر واري ٽڪر کي ”ٻڌڪن جا ٽڪر“ يا ”ٻڌڪا“ چيو ويندو آھي. ھنن آثارن جي نالي مان ئي ظاھر آھي ته اھي ٻڌ ڌرم واري دور جا يادگار آھن، انھن آثارن جي جاچ ڪندي مسٽر ڪارٽر ٻه ننڍڙا دڙا ڳولي لڌا ھئا، جن جي سرن جي مقدار، ڊول ۽ مٿاڇري تي ڪم آندل رنگ، ڪاريگريءَ ۽ لکت کي جاچيندي کيس ٻڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي ساڳئي زماني ۾ يعني ”راجا ڪنشڪ‘ جي زماني ۾ ٿي گذريا آھن، اھي حاڪم ۽ اھي نشان، ميرپورخاص واري ڪاھوءَ جي دڙي جي زماني جا ھئا. موجوده وقت ۾ ھن ٽڪر تان اھڙيون سرون ھٿ اچن ٿيون، جن تي ’ٻڌ ديوتا‘ جي تصوير چٽيل آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو